88

پنهنجي قيادت جي ھدايت تي سنڌ جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي، وفاق ۾ ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي: مراد علي شاهه

ٺٽي ۾ انٽرنيشنل ميڊيڪل سائنس اينڊ ٽيڪنيڪل ڪاليج (لمس) ڪيمپس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  2023ع جي  چونڊن ۾ ايتريون سيٽون ضرور کڻنداسين جو چئني صوبن کي ملائي پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي هوندي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم هائوس پھچائينداسين ۽ اتي ئي هُو وزيراعظم جو حلف ھن ئي سال کڻندو.

2023ع ۾ سنڌ جو عوام اڳوڻو سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو ۽ اسان کي سنڌ صوبي ۾ آساني سان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان حڪومت ملندي، اهو ئي سبب آهي جو اسان عوام ۽ سنڌ لاءِ ڪم ڪيو آهي، پنهنجي قيادت جي ھدايت تي سنڌ جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي، سنڌ جي سمورن ضلعن ۽ شهرن ۾ روڊ نيٽ ورڪ ۽ پُلن سميت رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. هن چيو ته اسان پنجن سالن جو مدو فخر سان پورو ڪري رهيا آهيون ۽ ان کان پوءِ ٽن مهينن ۾ اوهان جي وچ ۾ ھونداسين ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته  اسان جون ڪهڙيون غلطيون ھيون. هن چيو ته اهو تاريخي ڏينهن آهي ته اڄ اسان هتي ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليج جو افتتاح ڪري رهيا آهيون، ھن ڪاليج مان ٺٽي، سجاول، بدين ۽ سڄي ساحلي پٽي جا نوجوان طب جي تعليم حاصل ڪندا هن ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هن ڪاليج جي ايراضي 40 ايڪڙن مان وڌائي 100 ايڪڙ ڪئي وڃي ته جيئن هن ڪاليج کي مڪمل يونيورسٽي بڻائي ٻيون فيڪلٽيون پڻ شروع ڪري سگهجن

ھن تي پنھنجي راءِ ڏيو

پنھنجو تبصرو موڪليو