وزيراعظم شهباز شريف پاران قومي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ ڏنل تاريخ ۾ رڳو 5 ڏينهن باقي آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي حڪمران اتحاد پي ڊي ايم نگران وزيراعظم لاءِ متفقه اميدوار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادين جو ورچوئل اجلاس ٿيو جنهن ۾ 3 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، انهن 3 نقطن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ، نگران وزيراعظم جي چونڊ ۽ 2023 جي مردم شماري جي بنياد تي ڳالھيون شامل ، پارٽين وقت گهريو. نگران وزيراعظم لاءِ نالا جمع ڪرائڻا هئا پر انهن 9 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ تي اتفاق ڪيو.
ملاقات ۾ پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڪنوينر خالد مقبول صديقي، بلوچستان عوامي پارٽي جو اڳواڻ خالد مگسي، قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ ۽ اسلم ڀوتاڻي بہ شامل ھئا.
وزيراعظم لاءِ اهو سخت چئلينج هوندو ڇو ته اتحادي پارٽين نگران وزيراعظم جي عهدي لاءِ پنهنجي پسند جي اميدوارن جا نالا جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جن جي مقرري 90 ڏينهن تائين ٿيندي.
پيپلز پارٽي جي هڪ سينيئر اڳواڻ پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته مسلم ليگ (ن) جي اهم اتحادي پارٽي پيپلز پارٽي پهريان ئي وزيراعظم لاءِ 3 نالا ڏئي چڪي آهي.
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مرڪزي اتحادي پارٽين يعني پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو آهي ته نگران وزيراعظم ڪير هوندو، پر هنن ڄاڻي واڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي، جڏهن ته ذريعن موجب ايم ڪيو ايم (پاڪستان)، جي يو آءِ (ف) ۽ بي اين پي اڃا تائين نگران وزيراعظم لاءِ تجويز ڪيل نالا پيش نه ڪيا آهن.
نگران وزيراعظم لاءِ ڪيترائي ممڪن نالا ميڊيا ۾ اڳ ئي گردش ڪري رهيا آهن، جن ۾ سياستدان ۽ ٽيڪنوڪريٽ به شامل آهن.
انهن نالن ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي، اڳوڻو ناڻي وارو وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جو اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد، اڳوڻو چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني، پ پ پ جو اڳوڻو چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني، پ پ جو اڳوڻ گڏيل قومن جي سيڪريٽريءَ جي نمائندن ۾ عبدالله حسين هارون، پير پاڳارا صبغت الله شاهه راشدي ۽ پنجاب جو اڳوڻو گورنر ۽ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ مخدوم احمد محمود وغيره شامل آهن.