ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄ شاهه محمود قريشي خوش هوندو سندس رستو صاف ٿي ويو، هو ملتان ۾ ضرورت مٺائي ورهائي رهيو هوندو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته پوليس تي پيٽرول بمن جا حملا ڪيا ويا، نواز شريف، آصف زرداري، مريم نواز ۽ بينظير ڀٽو به گرفتار ٿيون پر ڪنهن به پوليس تي حملا نه ڪيا.
سندس چوڻ هو ته ڪيپيٽل ڪيس ۾ ماڻهن کي پنجويهه سالن جي سزا ٿي، قانون ڇو خاموش هو، هي تمام سهولتون لاڏلي لاءِ هيون.