اسلام آباد – 05 آگسٽ (انڊس پلس) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ڇنڇر ڏينهن اتفاق راءِ سان ملڪ ۾ 7هين ڊجيٽل مردم شماري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سي سي آءِ جو 50 هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تفصيلي مشاورت ۽ فيصلا ڪرڻ کانپوءِ منظوري ڏني وئي.
چئني صوبائي وزيرن ۽ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندن مردم شماري جي نتيجن سان مڪمل اتفاق ڪيو. بلوچستان عوامي پارٽي جي ڊاڪٽر خالد مگسي، متحده قومي موومينٽ جي سيد امين الحق، جميعت علماءِ اسلام جي مولانا اسد محمود ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قمر زمان ڪائره کان علاوه سي سي آءِ جي ميمبرن خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وفاق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم آئيني ادارو آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ پهرين ڊجيٽل مردم شماري بهترين طريقي سان مڪمل ڪئي وئي جيڪا ملڪ لاءِ سٺو قدم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ پاڪستان شماريات بيورو ان اهم قومي ذميواري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن چيو ته سمورا قومي ادارا ۽ صوبائي حڪومتون آبادي ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ هنگامي قدم کڻن.
”ملڪ جا محدود وسيلا وڌندڙ آبادي لاءِ ڪافي نه آهن. جيڪڏهن آبادي ساڳئي شرح سان وڌي وئي ته اسان جي بهترين ڪوششن جي باوجود پاڪستان ۾ غربت ۽ بيروزگاري وڌي ويندي. ”تنهنڪري پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اسان کي آبادي جي واڌ کي روڪڻ ۽ موجوده آبادي جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا،“ هن چيو.
7هين مردم شماري موجب پاڪستان جي ڪل آبادي 241.49 ملين هئي ۽ آبادي ۾ سالياني واڌ 2.55 هئي. بلوچستان ۾ آبادي جي واڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ 3.2 سيڪڙو وڌيڪ هئي.
وزيراعظم چيو ته گذريل 6 سالن ۾ آبادي ۾ 3.5 ڪروڙ جو اضافو ٿيو جيڪو هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ڇو ته آبادي ۾ واڌ جي شرح پاڪستان جي معاشي ترقي کان وڌيڪ هئي.