21 ورهين جي عالمي ايوارڊ ماڻيندڙ ليگزي الفريڊ 5 ملڪن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جتي هو ٻيهر وئي تہ خوش ٿيندي، انهن ملڪن جي فهرست ۾ هن پاڪستان کي پهرين نمبر تي رکيو آهي.
ليگيسي الفريڊ چيو ته سندس پاڪستان جو سفر سڄي عمر يادگار رهيو ۽ اتي جي مهمان نوازي ۽ قدرتي خوبصورتي سندس سوچ کان به وڌيڪ آهي، هن سوشل ميڊيا تي 5 ملڪن جي فهرست ڏني جتي هو ٻيهر اکيو پوري سفر ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
نانگا پربت جي فيري ميڊوز کي ھن آمريڪي سياح پاران دنيا جو سڀ کان پرامن ۽ خوبصورت هنڌ قرار ڏنو ويو آهي.