90

توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان سان چائنا انرجي انٽرنيشنل گروپ جي وفد ملاقات ڪئي.

اسلام آباد 8 آگسٽ ( انڊس پلس): توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سان چائنا انرجي انٽرنيشنل گروپ لميٽيڊ جي وفد اهم ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ توانائي جي شعبي بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اڱاري ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ توانائي واري وفاقي وزير ۽ چائنا انرجي انٽرنيشنل گروپ لميٽيڊ جي وفد وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان حڪومت پاران گرين انرجي جي حوالي سان ڪيل اڳڀرائي ۽ پاڪ چين لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ھن تي پنھنجي راءِ ڏيو

پنھنجو تبصرو موڪليو