Book Reviews

چی گویرا کی ڈائری
هن ڪتاب ۾ انقلابي اڳواڻ چي گويرا جون يادگيريون شامل آهن. چي گويرا ارجنٽائن جو انقلابي اڳواڻ هو. هو 14 جون 1928ع تي ارجنٽائن ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي ڪتابن جو شوق هو، سندس گهر ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ ڪتابن جو مجموعو هو. اصل ۾ هڪ طبي شاگرد، چي کي پنهنجي تعليمي ڪيريئر دوران سياحت جو ڏاڍو شوق ھيو، ۽ 1950 کان 1953 تائين هن سڄي ڏکڻ آمريڪا جا ٽي ڀيرا دورا ڪيا. ٽي دفعا هن چلي، پيرو، ايڪواڊور، ڪولمبيا، وينزويلا، پاناما، برازيل، بوليويا ۽ ڪيوبا سميت ملڪن جو سفر ڪيو. ان سفر تي سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ يادگيريون ڇپيل آهن. انهن سفرن دوران چي جي مشاهدي ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، جڏهن هو ڳوٺن، ننڍن وڏن شهرن مان گذرو تہ اتي جي رهاڪن جي بدحالي، غربت، بک ۽ بيمارين ھن جي سوچ تي ڏاڍو اثر ڇڏيو. هن کي غريبن لاءِ ڏاڍي حساس دل هئي ۽ هو انهيءَ مشاهدي مان ان نتيجي تي پهتو ته ڏکڻ آمريڪا جو لڳ ڀڳ سڄو ملڪ هن وقت ڪٺ پتلي حڪمرانن جي راڄ هيٺ آهي ۽ انهن جي آڙ ۾ سرمائيداراڻي نظام هتي جڙي رهيو آهي، جنهن جي پويان آمريڪا جو ھٿ آھي. کيس چڱيءَ ريت خبر هئي ته ٻنهي يعني سرمائيداراڻي نظام ۽ ان جو سرپرست آمريڪا ڪڏهن به غريبن جو دوست نه ٿو ٿي سگهي ۽ هن خطي کي سندن تسلط کان آزاد ڪرائڻ لاءِ کين انقلابي رستو اختيار ڪرڻو پوندو. چي گويرا لاطيني آمريڪا ۾ انقلابن جي اڳواڻي ڪئي. ان بنياد تي کيس ٽين دنيا جي ملڪن ۾ هڪ هيرو طور سڃاتو ويندو هو. ھو دنيا ۾ طبقاتي نظام جي خاتمي ۽ سوشلسٽ انقلاب جي ابدي سڃاڻپ آهي. هن بوليويا ۾ سوشلسٽ انقلاب جي اڳواڻي ڪندي پنهنجي جان قربان ڪئي. آمريڪي سي آءِ اي کيس جسماني طرح تہ ماري ڇڏيو پر سندس نظريو ۽ جدوجهد دنيا جي مظلوم عوام لاءِ هميشه لاءِ اميد بڻجي وئي. اڄ به چي گويرا دنيا جي مشهور شخصيتن مان هڪ آهي.
Download E-BookAdnan Brohi | عدنان بروھي
© Adnan Brohi 2022-2023